نوابشاهه ۾ هيپاٽائيٽس جا 80 سيڪڙو مريض هجڻ بابت ڳالهه غلط آهي: عذرا فضل پيچوهو

نوابشاهه ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي شرح 3 سيڪڙو آهي: سنڌ اسيمبليءَ کي خطاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته نوابشاهه ۾ هيپاٽائيٽس جا 80 سيڪڙو مريض هجڻ بابت ڳالهه غلط آهي.

نوابشاهه ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي شرح 3 سيڪڙو آهي، اهو به غلط آهي ته هيپاٽائيٽس بي ۽ سي پاڻي سبب ٿئي ٿي.

صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته سول اسپتال حيدرآباد جي 728 ملازم کي رهيل پگهار جلد ڏني ويندي.

ڪياماڙي ۾ ايس آءِ سي وي ڊي کولي وئي آهي، اين آءِ سي ايڇ ۾ سرنجون موجود آهن، اولهه ڪراچي ۾ صحت جون 19 سهولتون موجود ۽ فنڪشنل آهن.

Related posts

Leave the first comment