نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) نئين ديري ويجھو پنجوديرو وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ سيتا روڊ جو رهواسي محمد عمر چهواڻ فوت ٿي ويو.
زخمي ٿيل نئون ديرو واسي نديم چهواڻ کي اسپتال آندو ويو.
وارثن جو چوڻ آھي ته ڳوٺ شاهي لٻاڻو ۾ سيتا کان شادي تي آيل هئاسين ته حادثو پيش آيو.



