ميرپور ماٿيلي ۽ جونگل ۾ روڊ حادثن دوران عورت سميت 2 ڄڻا فوت

ميرپور ماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلي ۽ جونگل ۾ روڊ حادثن دوران عورت سميت 2 ڄڻا فوت جڏهن ته ماءُ ۽ پٽ زخمي ٿي پيا

ميرپور ماٿيلي ويجهو قومي شاھراهه تي ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر سبب فرمان ڇڄڻ حياتي وڃائي ويٺو.

جونگل ڀرسان  مراد واهه لڳ موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي ۾ سائڀاڻي زال مکڻو پهوڙ فوت ٿي وئي، ڀائتان ۽ سندس پٽ عبدالحفيظ پهوڙ زخمي ٿي پيا.

Related posts

Leave the first comment