اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ بار پاران ججز سينارٽي لسٽ سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ بار ججز سينارٽي لسٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر رياست علي آزاد آرٽيڪل 3/184 جي تحت درخواست داخل ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججز به سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد  هاءِ ڪورٽ بار جي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ قرار ڏئي ته صدر کي آرٽيڪل 200 جي شق هڪ جي تحت ججز جي بدلي جا لامحدود اختيار حاصل نه آهن.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مفاد عامه کان سواءِ ججز کي هڪ هاءِ ڪورٽ کان ٻئي هاءِ ڪورٽ ٽرانسفر نٿو ڪري سگهجي.

Related posts

Leave the first comment