– موسميات کاتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ ڪٿي وچولي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي، مٺي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ وچولي ۽ تيز وسڪارو پئجي سگهي ٿو، ٺٽو، بدين، سجاول، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ سانگهڙ ۾ به مينهن وسندو، ڪراچي ۾ ڏکڻ اولهه کان 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گھلي رهيون آهن


