سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ملڪي سلامتي اوليت آهي، دشمن حملو ڪرڻ جي تاڙ ۾ آهي،ا سان به تيار آهيون: عطا تارڙ

جنرل ايوب خان چيو هو ته دشمن کي خبر ناهي ته هن ڪهڙي قوم کي للڪاريو آهي: ميڊيا سان ڳالهيون

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ملڪ جي سلامتي سڀ کان پهرين آهي، دشمن حملو ڪرڻ جي تاڙ ۾ ويٺل آهي،ا سان به تيار آهيون.

هن چيو ته دشمن کي خبر ناهي ته هو ڪهڙي قوم کي للڪاري رهيو آهي، سياسي اختلافن جو دفاعي معاملن سان ڪو به تعلق نه آهي.

عطا تارڙ چيو ته جنرل ايوب خان چيو هو ته دشمن کي خبر ناهي ته هن ڪهڙي قوم کي للڪاريو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي 9 لک فوج موجود آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته قابض فوج 7 ڏهاڪن ۾ ظلم کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، پهلگام فالس فليگ آپريشن تي مودي دنيا آڏو وائکو ٿي ويو آهي.

ڀارت وٽ پهلگام واقعي جو ڪو به ثبوت موجود نه آهي، جعلي مقابلن ذريعي ڪشميرين کي شهيد ڪيو پيو وڃي، فالس فليگ آپريشن ڀارت جي عادت بڻجي چڪي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سڄي دنيا آڏو پنهنجو ڪيس پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن پاڻي روڪيو ويو ته پوري طاقت سان ان جو جواب ڏينداسين.

Related posts

Leave the first comment