سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

مستونگ: پوليس گاڏي ڀرسان ڌماڪو، 3 اهلڪار شهيد، 19 ڄڻا زخمي

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پاران ڌماڪي جو نوٽيس، رپورٽ طلب ڪري ورتي

مستونگ (نيشنل ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي مستونگ ويجهو پوليس گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽي اهلڪار شهيد جڏهن ته 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 2 اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سندس چوڻ آهي ته زخمين جي علاج ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، بلوچستان حڪومت شهيدن سان گڏ بيٺل آهي.

Related posts

Leave the first comment