علائقائي استحڪام برقرار رکڻ جي پاڪستان جي خواهش واکاڻ جوڳي آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس چيو آهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ايران سان ڳالهين ۾ ٽياڪڙ جو تعميري ادا ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام برقرار رکڻ جي پاڪستان جي خواهش تي واکاڻ ڪئي، مارڪو روبيو ٻه طرفي واپار گڏيل مفاد ۾ وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ ۽ داعش خراسان خلاف گڏيل حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي، آمريڪا پاڪستان دهشتگردي روڪ ڊائلاگ آگسٽ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو




