سوات سانحي واري هنڌ نه پوليس موجود هئي ۽ نه ئي سياحت کاتي جي هيلپ لائن فعال هئي، انڪوائري رپورٽ ۾ غفلت جو انڪشاف، انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قانوني ذميداري باوجود ثقافت ۽ سياحت اٿارٽي سياحتي علائقن ۾ هوٽل لائسنسنگ ۾ ناڪام رهي، ضلعي سطح تي ڪا سياحتي آگاهي يا سهولت سينٽر موجود نه هو، ٽريول ايجنٽس ضلعي ۾ بنا ڪنهن نگراني جي ڪم ڪري رهيا آهن، سياحن لاءِ مختص هيلپ لائن بابت عوام کي آگاهي ئي ناهي




