لبيا جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف پاران جي ايڇ ڪيو جو دورو، آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر،فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ، سڪيورٽي چئلينجز ۽ دفاعي سهڪار بابت به ڳالهيون ٿيون، ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا


