غزا ۾ اسرائيلي فوج جي وڏي پئماني تي زميني ڪارروائي، حملن ۾ 140 فلسطيني شهيد، 361 زخمي

اسرائيل جي غزا جي گهيراءُ ۽ فاقه ڪشي جي پاليسي عالمي قانون سان مذاق آهي: انتونيو گوتريس

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي وڏي پئماني تي زميني ڪارروائي شروع، حملن ۾ 140 فلسطيني شهيد، 361 زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج ڪيترائي علائقا خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، اتر غزا ۾ هڪ اسپتال سميت مختلف هنڌن تي حملا ڪيا ويا.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي غزا جي گهيراءُ ۽ فاقه ڪشي جي پاليسي عالمي قانون سان مذاق آهي.

انتونيو گوتريس جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل پابندي لڳايل امداد جي ناڪابندي بنادير ختم ڪئي وڃي.

Related posts

Leave the first comment