غزا ۾ اسرائيلي فوج جا ظلم جاري، تازي بمباريءَ ۾ وڌيڪ 95 فلسطيني شهيد

غزا جي پٽي ۾ اسرائيلي فوج ڪيترن ئي علائقن سميت امدادي ڪئمپ تي به بمباري ڪئي

غزا (انٽرنيشنل  ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جا ظلم جاري، تازي بمباريءَ ۾ وڌيڪ 95 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب غزا جي پٽي ۾ اسرائيلي فوج ڪيترن ئي علائقن تي بمباري ڪئي، شهيدن ۾ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ مرڪز ٻاهران بيٺل فلسطيني به شامل.

اسرائيلي فوج هڪ اسپتال کي به نشانو بڻايو، غزا سٽي ۽ اترين علائقن ۾ حملن ۾ 62 فلسطينين شهادت ماڻي.

اسرائيلي نيوي جو غزا سٽي جي ڪناري هڪ ڪيفي تي به حملو، عورتن، ٻارن ۽ صحافيءَ سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

Related posts

Leave the first comment