جولاءِ 2025ع کان بجلي بلن مان صوبائي اليڪٽرڪ سٽي ڊيوٽي ختم

وفاقي وزير اويس لغاري سڀني وڏن وزيرن کي خط لکي وفاقي حڪومت جي فيصلي کان آگاهه ڪيو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) جولاءِ 2025ع کان بجلي بلن مان صوبائي اليڪٽرڪ سٽي ڊيوٽي ختم.

توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري سڀني وڏن وزيرن کي خط لکي وفاقي حڪومت جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته چاهيون ٿا ته بجلي بلن ۾ ٽيڪس جو بار گهٽايو وڃي، واهپيدار بلن ۾ ڪيترن ئي چارجز ۽ ڊيوٽين جي ڪري پريشانيءَ جو شڪار آهن.

خط ۾ وفاقي وزير بجلي جا اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن تي به روشني وڌي ۽ آءِ پي پيز  سان ڪيل معاهدن تي نظرثاني ۽ سرڪاري بجلي گهرن جي ريٽرن آف ايڪويٽي گهٽائڻ جو پڻ ذڪر ڪيو.

Related posts

Leave the first comment