عورت کي هيسائڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي ڪي اليڪٽرڪ جي سِي اِي او مونس علوي کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم، محتسب اعليٰ سنڌ جسٽس رٽائرڊ شاهنواز طارق، مونس علوي تي 25 لک رپيا ڏنڊ به مڙهي ڇڏيو، محتسب اعليٰ سنڌ جو چوڻ آهي ته سي اِي او ڪي اليڪٽرڪ تي ملازم عورت کي هيسائڻ جو الزام ثابت ٿئي ٿو ، هڪ مهيني ۾ ڏنڊ جي رقم ادا ڪري، ڏنڊ ادا نه ڪري ته سندس ملڪيت ضبط، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪيو وڃي



