پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري عالمي امداد جي اپيل جو مطالبو

– پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري عالمي امداد جي اپيل جو مطالبو، ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي جي حڪومتي اعلان جي آجيان، بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته افسوس ته اڃا تائين ٻوڏ ۽ برسات متاثر علائقن لاءِ بي ايس پي تحت رليف جو اعلان ناهي ڪيو ويو، وزيراعظم ذاتي طور تي خاطري ڪرائي هئي ته متاثرن لاءِ بي آءِ ايس پي تحت رليف فراهم ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت طرفان گڏيل قومن جي نظام تحت عالمي امداد لاءِ اپيل ۾ دير ناقابل فهم آهي، وفاقي حڪومت کان مطالبو  ڪن ٿا ته عالمي امداد جي اپيل بنادير ڪئي وڃي، ٻوڏ سبب سڀ کان گهڻو زراعت جو شعبو متاثر ٿيو آهي، اميد ته وفاقي حڪومت به زراعت شعبي جي بحالي لاءِ اسان جي قدمن ۾ ڀرپور مدد ڪندي

Related posts

Leave the first comment