صوابي: وحشي جوابدار 4 ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

صوابي (نيشنل ڊيسڪ) صوابي ۾ وحشي جوابدار چئن ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.

يار حسين سيڙا چينا واري علائقي ۾ زال پيڪين وڃڻ تي جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي ويو.

جوابدار پنهنجن ئي چئن معصوم ٻارڙن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي.

مارجي ويلن ۾ 2 ڀائر ۽ 2 ڀينرون شامل، چئني ٻارڙن ۽ سندن پيءُ جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.

Related posts

Leave the first comment