سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت، انساني وقار ۽ عورتن جي حقن لاءِ نه وسارڻ جوڳي جدوجهد ڪئي: صدر

شهيد بي بيءَ آمريت خلاف مزاحمت ڪئي، هوءَ قانوني حڪمراني ۽ آئيني بالادستي تي يقين رکندي هئي: پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت، انساني وقار ۽ عورتن جي حقن لاءِ نه وسارڻ جوڳي جدوجهد ڪئي.

شهيد بي بيءَ آمريت خلاف جرئت سان مزاحمت ڪئي، بينظير ڀٽو قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي تي مڪمل يقين رکندي هئي.

صدر آصف علي زرداري جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72هين سالگرهه جي موقعي تي پيغام.شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قومي خدمتن ۽ عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش.

صدر جو چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون قربانيون، ويزن ۽ عوام سان وابستگي پيپلز پارٽي جي اجتماعي ميراث آهي.

Related posts

Leave the first comment