سنڌ ڪابينا واهه انڊسٽريز سان گاڏين جي فٽنيس سرٽيفڪيٽ ڪرائڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا اجلاس ۾ تجويز ڏني ويئي ته ٽرانسپورٽ کاتو گاڏين جي فٽنيس جو ڪم واهه انڊسٽريز لميٽيڊ حوالي ڪرڻ چاهي ٿو، ڪمرشل ۽ هيوي گاڏين لاءِ فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو، وڏي وزير هدايت ڪئي ته ٽرانسپورٽ کاتو واهه انڊسٽريز سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪابينا ۾ نئين تجويز پيش ڪري، اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ کاتي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، سندس چوڻ آهي ته سموري سنڌ ۾ گاڏين جا فٽنيس سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، معياري فٽنيس سسٽم جي غير موجودگيءَ سبب گاڏين جو معائنو اثرائتي طريقي سان ممڪن ناهي، سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي ڊجيٽلائيزڊ موٽر گاڏي جو انسپيڪشن سسٽم شروع ڪيو آهي، ذوالفقار آباد آئل ٽرمينل، ملير، ابراهيم حيدري ۽ ڪورنگي ۾ فٽنيس لاءِ جديد سامان نصب ڪيو ويو آهي



