سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

اسرائيل ۾ آمريڪي سفارتخانو بند، آمريڪي ايران، عراق ۽ اسرائيل جو سفر نه ڪن: آمريڪي پرڏيهي وزير

آمريڪا پاران وچ اوڀر ۾ آمريڪي شهرين جي مدد لاءِ مڊل ايسٽ ٽاسڪ فورس قائم

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل ۾ آمريڪي سفارتخانو بند، آمريڪين کي ڪنهن به حالت ۾ ايران، عراق ۽ اسرائيل ڏانهن  سفر نه ڪرڻ جي هدايت.

وچ اوڀر ۾ آمريڪي شهرين جي مدد لاءِ مڊل ايسٽ ٽاسڪ فورس قائم.

آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ۾ موجود سڀ آمريڪي سرڪاري عملدار ۽ سندن گهرڀاتي ايندڙ اطلاع تائين شيلٽرن ۾ رهندا.

ٽريول ايڊوائيزري پڻ جاري، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، وچ اوڀر ۾ آمريڪي شهرين جي مدد لاءِ مڊل ايسٽ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي آهي.

Related posts

Leave the first comment