سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڀارتي جارحيت خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ريليون

لاڙڪاڻو، فيض گنج، ڪڪڙ، ڪرمپور، ميرواهه گورچاڻي، پکو ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي پاڪ فوج جي حق ۾ نعريٰ هنيا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڀارتي جارحيت خلاف ۽ پاڪ فوج جي حق ريليون، پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا

لاڙڪاڻي ۾ پاڪ فوج سان ٻڌيءَ لاءِ ريلي، وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ، خيرپور ۾ سيپڪو ملازمن پاران پاڪ فوج سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ريلي.

فيض گنج، ڪڪڙ، ڪرمپور، ميرواهه گورچاڻي، پکو ۽ سيتاروڊ ۾ به ريليون، پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

اڳواڻن پاڪ فوج جي بهادري کي سلام پيش ڪندي چيو ته ملڪ دفاع ۽ عوام تحفظ لاءِ پاڪ فوج سرحدن تي موجود آهي.

هنن چيو ته ڪنهن به اڳرائيءَ جي صورت ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، سموري قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي.

Related posts

Leave the first comment