سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري

ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدين، مٺي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري.

ڪراچي جي ڪورنگي، ڊفينس، صدر، اختر ڪالوني، لياري، منگهو پير، ملير، گڏاپ ۽ ٻين علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به وسڪارو.

ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدين، مٺي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.

اڪثر شهرن ۾ برسات پوڻ کان پوءِ بجلي جو نظام ڊانوا ڊول ٿي ويو، ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا، ڪجھه علائقن ۾ مانهن روڊن تي ويهي رات گذاري.

Related posts

Leave the first comment