سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا.

ڄامشورو، ميرپورماٿيلو، ٽنڊو محمد خان، شهدادڪوٽ، خيرپور ۽ ننگرپارڪر ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.

رتوديرو، اوٻاوڙو، ماتلي، جروار، ڀريا روڊ، ڳڙهي چاڪر، سجاول جوڻيجو، نئون دمبالو ۾ احتجاج، وارهه ۾ فنڪارن جو ڳائي وڄائي احتجاج.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي معيشت سنڌو درياهه تي دارو مدار رکي ٿي، جنهن تي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

91ع واري معاهدي تحت به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي، سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال نڪرڻ سبب سنڌ جي زمين بنجر بڻجي ويندي ۽ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو.

Related posts

Leave the first comment