رحيم يار خان ويجهو موٽر وي ايم 5 تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 8 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي

حادثي جي  فوتين ۾ عورتون، ٻارڙا ۽ مرد به شامل، مسافر بس ڪراچي کان راولپنڊي طرف وڃي رهي هئي

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ويجهو موٽر وي ايم فائيو تي مسافر بس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر، 8 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي.

حادثي جي  فوتين ۾ عورتون، ٻارڙا ۽ مرد به شامل، پوليس موجب مسافر بس ڪراچي کان راولپنڊي طرف وڃي رهي هئي.

حادثي جي اطلاع بعد واقعي واري هنڌ تي پوليس ۽ ايمبولينسون پهچي ويون، فوتين ۽ زخمين کي مقامي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment