سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

دهشتگردي جي ڪارروائين پٺيان ڀارت جو هٿ آهي: عرفان صديقي

ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي: سينيٽ ۾ خطاب

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقيءَ چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪارروائين پٺيان ڀارت جو هٿ آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.

خضدار ۾ دهشتگردن معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو، معصوم ۽ هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائڻ ڪهڙي انسانيت آهي؟

ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته دهشتگردن سان ڪنهن به قسم جي همدردي نه هجڻ گهرجي.

سينيٽر عرفان صديقيءَ وڌيڪ چيو ته سياسي قيادت پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا لاءِ هڪ پيج تي آهي.

Related posts

Leave the first comment