لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن بحال

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تي هوائي آپريشن معطل ڪيو ويو هو

لاهور (نيشنل ڊيسڪ) لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن بحال ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي، ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تي هوائي آپريشن معطل ڪيو ويو هو.

پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ هوائي اڏن تي آپريشن بحال ڪيو ويو آهي، ڪراچي هوائي اڏي تي آپريشن في الحال معطل رهندو.

Related posts

Leave the first comment