خيبرپختونخوا جي عوام ڪڏهن به اسان جو ساٿ ناهي ڇڏيو: عطا تارڙ

ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف ڌڙا بندي جو شڪار آهي، اسان اڳ ئي چيو هو ته 9 مئي وارا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي عوام ڪڏهن به اسان جو ساٿ ناهي ڇڏيو.

خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف ڌڙا بندي جو شڪار ٿي وئي آهي،  اسان اڳ ئي چيو هو ته 9 مئي وارا روئيندا ۽ ڀڄي ويندا.

اسان 28 مئي وارا آهيون، ملڪ تي حملو ڪندڙ 9 مئي وارا آهن، اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب،

سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي ڪارڪنن هميشه ظالمن خلاف آواز بلند ڪيو آهي، معاشي بهتري نيڪ نيتي ۽ ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي.

Related posts

Leave the first comment