آمريڪا ايران تي حملا گڏيل قومن جي چارٽر تحت جائز قرار ڏئي ڇڏيا

گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير ڊروٿي سلامتي ڪائونسل کي خط لکي ڇڏيو

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا ايران تي حملا گڏيل قومن جي چارٽر تحت جائز قرار ڏئي ڇڏيا.

گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير ڊروٿي سلامتي ڪائونسل کي خط لکي ڇڏيو، آمريڪا طرفان ايران خلاف ڪارروائي کي گڏيل دفاع قرار.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي ايٽمي افزودگي جي صلاحيت ختم ڪرڻ هدف هو، ايران جي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ ۽ استعمال جي خطري کي روڪڻ ضروري هو.

گڏيل قومن جي اداري ۾آمريڪي سفير وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ايران سان معاهدي لاءِ پرعزم آهيون، کيس ڳالهين جي ٽيبل تي آندو ويندو.

Related posts

Leave the first comment