سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

حضرت امام حسين عليه سلام ۽ سندن وفادار ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سموري سڄي ملڪ ۾ عزاداري جاري

ماتمي جلوس، مجلسون ۽ نوحا خواني ذريعي ڪربلا جي شهيدن جِي ياد تازي ڪئي پئي وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪربلا جي رڻ ۾ دين اسلام جي سربلندي لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن وفادار ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ عزاداري جو سلسلو جاري.

ماتمي جلوس، مجلسون ۽ نوحا خواني ذريعي ڪربلا جي شهيدن جِي ياد تازي ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، لارڪاڻو ۽ سکر جي ننڍن وڏن شهرن ۾ 5 محرم جي مناسبت سان يا حسين جي صدائن ۾ جلوس برآمد.

سموري سنڌ ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، علم، تعزيه ۽ ذوالجناح جا جلوس روايتي رستن تان گذري رهيا آهن.

عالم سڳورن جو چوڻ هو ته امام حسين عليه السلام جي قرباني حق، سچائي ۽ انصاف لاءِ دائمي مثال آهي، جنهن مان انسانيت هميشه لاءِ رهنمائي وٺي سگهي ٿي.

Related posts

Leave the first comment