سيوهڻ ڀرسان ڀڳو ٽوڙو جبل وٽ مسافر ڪوچ ڪلٽي، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي، ڀچا ڳوٺ سامهون انڊس ھاءِ وي تي ڪوچ مينهن سان ٽڪرائجڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، حادثي بعد فوتين جا لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل، پوليس موجب مسافر ڪوچ ڪراچي کان لاڙڪاڻي وڃي رھي ھئي ته حادثو پيش آيو، وڏي وزير مراد علي شاهه جي ڊي سي ڄامشورو کي حادثي جا شڪار مسافرن جي مدد ڪرڻ جي هدايت، سندس چوڻ آهي ته هاءِ ويز تي تيز رفتاري انساني حياتيون ضايع ٿيڻ جو سبب ثابت ٿي رهي آهي


