– بابوسر مان لڙهي ويل 15 ڄڻن جو پتو نه پيو، سياحن کي گلگت بلتستان جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت، گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق جو چوڻ آهي ته برسات ۽ ٻوڏ سبب گلگت بلتستان ۾ گهڻو نقصان ٿيو، شاهراهه بابوسر مان وڙهي ويل 10 کان 15 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، برسات ۽ ٻوڏ سبب 5 فوتگيون ٿيون، ناران ڪاغان هن وقت بلڪل بند آهي، شاهراهه ريشم ننڍين گاڏين لاءِ کليل آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ۾ وڌيڪ شدت جي برسات جو امڪان آهي


