سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو خلاف وڏو احتجاجي مظاهرو

هزارين مظاهرين غزه جي يرغمالن جي آزاديءَ ۾ ناڪاميءَ تي حڪومت تي تنقيد

تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

تل ابيب ۾ هزارين مظاهرين غزه ۾ يرغمالن جي آزاديءَ ۾ ناڪاميءَ تي وقت جي حڪومتي تي ڇتي تنقيد ڪئي.

ان موقعي تي مظاهرين وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت کان غزه ۾ فوري طور جنگ ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو.

ياد رهي ته ان کان اڳ به اسرائيل ۾ نيتن ياهو جي خلاف ڪيترائي ڀيرا تاريخ جا وڏي ۾ وڏا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

Related posts

Leave the first comment