آمريڪي صدر جي حماس پاران ڳالهين بابت بيان جي آجيان، ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايندڙ هفتي غزا معاهدو ٿي سگهي ٿو، غزا بابت گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ غزا ۾ گهڻي امداد اماڻي رهيا آهن، هو اسرائيلي وزيراعظم سان ايران بابت ڳالهائيندو، ايران جو جوهري پروگرام ختم ڪيو ويو آهي پر ايران ان کي ٻيهر شروع ڪري سگهي ٿو، حماس جو چوڻ آهي ته آمريڪي ٽياڪڙي ۾ پيش ڪيل جنگبندي منصوبي تي پنهنجو هاڪاري جواب ٽياڪڙن حوالي ڪيو، هو منصوبي تي عمل جي طريقي تي ڳالهائڻ لاءِ فوري طور تي تيار آهن


