آمريڪا عالمي فوجداري عدالت جي 4 عورت ججز تي پابنديون مڙهي ڇڏيون

پابنديون نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ جنگي ڏوهن جا ڪيس کولڻ تي لڳايون ويون

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا عالمي فوجداري عدالت جي 4 عورت ججز تي پابنديون مڙهي ڇڏيون.

پرڏيهي ميڊيا موجب ججز تي پابنديون اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ تي انتقامي ڪارروائي طور مڙهيون ويون.

افغانستان ۾ آمريڪي فوجين جي مبينا جنگي ڏوهن جا ڪيس کولڻ جو فيصلو به ججز تي پابندي جو سبب بڻيو.

پابندي مڙهيل ججز ۾ سلووينيا سان تعلق رکندڙ بيٽي هوهلر، بينن واسڻ ريلي الاپني، پِيرو جي لوزڊيل ڪارمين ۽ يوگنڊا واسڻ سولومي بالنگ بوسا شامل.

Related posts

Leave the first comment