صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران 19 ڀارتي حمايتي دهشتگردن کي مارڻ تي سڪيورٽي فورسز جي واکاڻ، آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار، صدر آصف علي زرداري جو آهي ته شهيد آفيسر ۽ جوان قوم جا هيرو آهن، شهيدن جون قربانيون قومي عزم ۽ اتحاد جو اهڃاڻ آهن، سموري قوم هٿياربند فوج سان گڏ مضبوط ڀت بڻجي بيٺل آهي، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪي سالميت کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو، سڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن جون قربانيون ضايع نه وينديون


