سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڪوٽڙي بئراج وٽ هن وقت 3 لک 86 هزار ڪيوسڪ پاڻي آهي، پاڻي جا وهڪرا شايد اڃا وڌن

ڪوٽڙي بئراج وٽ هن وقت 3 لک 86 هزار ڪيوسڪ پاڻي آهي، پاڻي جا وهڪرا شايد اڃا وڌن، اندازو آهي ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي 4 لک ڪيوسڪ جي ويجهو ئي رهندو، آبپاشي کاتي بئراجن جي حفاظت ڪئي آهي، سنڌ ۾ ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا، وڏي وزير مراد علي شاهه جو سنڌ ڪابينا اجلاس کي خطاب، چيائين، صحت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي وزيرن پنهنجين ٽيمن کي متحرڪ رکيو، 70رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون هيون، ميڊيڪل ڪئمپن تي هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي، 16لک چوپائي مال کي ويڪسين ڪئي وئي، سمورا وزير، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ رهيا، پرفيڪٽ ڪا شئي ناهي هوندي، خامين تي ضابطي جي ڪوشش ڪئي ويندي

Related posts

Leave the first comment