– سنڌو درياءَ ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ، سکر بئراج تي وڏي ٻوڏ برقرار

سنڌو درياءَ ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ لاٿ، سکر بئراج تي وڏي ٻوڏ برقرار، گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي وهڪرن ۾ 11 هزار 665 ڪيوسڪ لاٿ اچي وئي، گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 لک 24 هزار 94 ڪيوسڪ رڪارڊ، سکر بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي وهڪرن ۾ 32 هزار  884 ڪيوسڪ واڌ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 لک  71 هزار 800 ڪيوسڪ ٿي ويو، ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ جا وهڪرا برقرار، ڪوٽڙي بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران 14 هزار 231 ڪيوسڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2  لک 93 هزار  17 ڪيوسڪ  رڪارڊ ڪيو ويو

Related posts

Leave the first comment