عدالتي نظام ۾ شفافيت ۽ سولائين سان سائلين کي تڪڙو انصاف ملندو، ڪيسن کي جلد اُڪلائڻ ترجيح هجڻ گھرجي، عدالتن ۾ ڊجيٽل ڪيس فائيلنگ جو نظام واضح ڪيو ويو، انصاف جي نظام ۾ هٿرادو ذهانت جو استعمال ٿيڻ گھرجي، ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي عدالتي نظام اثرائتو بڻايو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جو جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته سدائين قانون جي بالادستيءَ لاءِ ڪم ڪيو، عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سڌارن جي ضرورت محسوس ڪئي، پنجن بنيادن تي عدالتي نظام ۾ سڌارا آڻڻ شروع ڪيا، سپريم ڪورٽ ۾ عوامي راءِ لاءِ خاص پورٽل فعال ڪيو ويو ۽ اينٽي ڪرپشن هيلپ لائين به قائم ڪئي وئي




