1965ع جي جنگ ۾ پاڪ بحريه بهادريءَ ۽ همت جي نئين تاريخ لکي، آپريشن سومناٿ دشمن لاءِ خوف ۽ پاڪ بحريه لاءِ فخر جي علامت بڻيو، اڄوڪو ڏهاڙو ان عزم جي تجديد آهي ته پاڪ بحريه هر محاذ تي قوم جو دفاع ڪندي رهندي، صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ جو سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي قوم لاءِ پيغام، پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادريءَ ۽ خدمتن کي ڀيٽا پيش، سندس چوڻ آهي ته آپريشن بنيان المرصوص دوران پاڪ بحريه دشمن جي اڳرائيءَ کي ناڪام بڻايو، سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪن ٿا


