سنڌو درياءَ ۾ بئراجن وٽ پاڻي ۾ چاڙهه ۽ لاٿ جو سلسلو جاري، گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن ۾ 31 هزار 878 ڪيوسڪ لاٿ اچي وئي، سکر بئراج وٽ 30 هزار 225 ڪيوسڪ پاڻي وڌي ويو، گڊو بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا وچولي کان ننڍي ٻوڏ ۾ تبديل، گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 37 هزار 771 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 11 هزار 834 ڪيوسڪ رڪارڊ، سکر بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ برقرار، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 30 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 75 هزار 850 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪوٽڙي بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران 18 هزار 118 ڪيوسڪ لاٿ، ڪوٽڙي بئراج وٽ به ننڍي ٻوڏ جا وهڪرا برقرار، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 48 هزار 686 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 9 هزار 431 ڪيوسڪ رڪارڊ، ٽه منهين هيڊ وٽ مٿانهون وهڪرو ۽ هيٺانهون 2 لک 65 هزار 837 ڪيوسڪ رڪارڊ، پنجند وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 69 هزار 32 ڪيوسڪ ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 55 هزار 62 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو




