ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن لاءِ گڏيل ڳالهين جي ضرورت آهي، پاڪستان پنهنجن سمورن پاڙيسري ملڪن سان معمول جا لاڳاپا چاهي ٿو، معمول جي لاڳاپن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جا خواهشمند آهيون، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگرد حملن ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن، پاڪستان افغانستان ۾ امن ڏسڻ چاهي ٿو، ڪجهه ملڪن دهشتگردي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته ڪنهن به ملڪ لاءِ خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي، پاڪستان پاڙيسري ملڪن جي خودمختياريءَ ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هڪ بهترين منصوبو آهي، ايران تي اسرائيل جي بنا جواز اڳرائي مذمت جوڳي ۽ قبولڻ جوڳي نه آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي منظور ڪيل ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو



