ڪراچي ۾ برسات جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، اڃا تائين سنڌ کي ٻوڏ جو خطرو ناهي، اڃا راوي درياءَ تي دٻاءُ آهي، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جون ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته هو گلوبل وارمنگ ۾ ڦاٿل آھن، شهري اِي وِي بائيڪ ڏانهن منتقل ٿين ته جيئن گدلاڻ کان بچي سگهجي، وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته اهڙو پلان جوڙيو وڃي ته جيئن ماڻهو بئنڪن ذريعي قسطن تي بائيڪ خريد ڪن، عباسي شهيد اسپتال جا ڊاڪٽر دٻاءُ وجهي پگهار نٿا وڌرائي سگهن، ڊاڪٽرن کي نوڪري ڪرڻي آهي ته ڪن، نه ته گهر هليا وڃن


