۽ ڌرتي ٽي وي پاران سنڌ اشوز پروگرام ۾ لاڙڪاڻي ۾ حددخلين ۽ ٽرئفڪ جي آزار جي نشاندهي ڪرڻ بعد وڪيلن انتظاميا کي ليگل نوٽيس اماڻي ڇڏيو، لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ائنٽي انڪروچمنٽ فورس کي ليگل نوٽيس اماڻيو ويو، ليگل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ غير قانوني قبضا توڙي شهر جي مک روڊن تي ٽريفڪ جام هجڻ ڪري شهرين کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، فوري نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي


