ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌائڻي پوندي، پاڻي جي نون ذخيرن جي اڏاوت وقت جي ضرورت آهي، ڪيترائي نوان ڊئم ٺاهڻ جي صلاحيت موجود آهي، ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ مختصر، وچئين ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي واضح ڪرڻي پوندي، ٽيم ورڪ ذريعي ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، وزيراعظم شهباز جو نارووال ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت اجلاس کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته لاڳاپيل ادارا ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، هن ڏکئي وقت ۾ حڪومت عوام سان گڏ بيٺل آهي، گردواره ڪرتارپور سک برادري جي جو مقدس هنڌ آهي، پاڻي جي نيڪالي هڪدم ڪرڻي پوندي، پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلي سبب متاثر ٿي رهيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف جو مريم نواز سان گڏ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي دورو، وزيراعظم پاران رليف آپريشن ۾ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جو ٻيڙي تي چڙهي راوي درياءَ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو



