مختلف شهرن ۾ڌار ڌار واقعن ۾ 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

مختلف شهرن ۾ڌار ڌار واقعن ۾ 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي، لاڙڪاڻي ۾ ذوالفقار باغ واري علائقي ۾ مبينا ڦر مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ۾ نوجوان پورهيت قتل، وارثن جو ايس ايس پي چوڪ تي مقتول احمد علي ڀٽي جو ايمبولينس ۾ لاش رکي ڌرڻو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو، قمبر ۾ راھوجا باءِ پاس تي هٿياربندن گوليون هڻي ساگر نورياڻي چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ مقتول جو سئوٽ عبدالرسول زخمي ٿي پيو، زخمي جو چوڻ آهي ته 2 سال اڳ برادري جي جوابدار ڌر جي ناري گهران نڪري وئي هئي ان ڪيس ۾ ٻڌڻي بعد واپس شهدادڪوٽ وڃي رهيا هئا ته جوابدارن حملو ڪيو، مدئجي ڀرسان جيها-ڏاھاڻي تڪرار تان ڌرين ۾ فائرنگ، ڏاهاڻي ڌر جو  محمد علي ڏاهاڻي مارجي ويو

Related posts

Leave the first comment