-* انصاف ۾ دير رڳو انصاف کان انڪار نه پر انصاف جي خاتمي جي برابر هوندو آهي، انصاف جي فراهمي ۾ دير عوام جي عدليه تي اعتماد کي مجروح ڪري ٿي: سپريم ڪورٽ جو انصاف جي تڪڙي فراهمي لاءِ جدت آڻڻ ۽ هٿرادو ذهانت جي استعمال تي زور، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه ملڪ پاران بئنڪ بابت ڪيس جو فيصلو جاري، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عدالتن ۾ 22 لک کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻيءَ هيٺ آهن، لڳ ڀڳ 55 هزار 941 ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهن، پٺتي پيل طبقو ڊگھي عدالتي ڪارروائي جو خرچ برداشت نٿو ڪري سگھي، انصاف جي فراهميءَ ۾ دير نه رڳو سيڙپڪاري کي روڪي ٿي پر عدليه جي ساک کي ڪمزور ڪري ٿي


