Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ ڪابينا بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بل 2015 ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بل 2015 ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، ترميم کانپوءِ حڪومت کي گريڊ 19 يا 20هين جي آفيسر کي بورڊ چيئرمين مقرر ڪرڻ جو اختيار هوندو، وڏي وزير مراد شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل اينڊ ريهيبليٽيشن لاءِ اينڊومينٽ فنڊ قائم ڪرڻ ۽ بورڊ آف گورنرز جي ٻيهر جوڙجڪ جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ تاريخي ورثو قرار ڏنل عمارتن جي سار سنڀال، معائني لاءِ ڪميٽيز جوڙڻ جو فيصلو، معذور ماڻهن جي بااختيار بڻائڻ واري کاتي جي 170 ملازمن کي 14هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته تاريخي ۽ قومي ورثو قرار ڏنل عمارتن جي معائني جي رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪئي وڃي، آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون حق جي جنگ جي سري هيٺ ملهايون پيون وڃن، ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فتح جي خوشي ۾ هن سال جو آزادي جو ڏينهن شاندار انداز ۾ ملهايو پيو وڃي

Related posts

Leave the first comment