ميڊيا کي ڪيترائي چئلينجز آهن، صحافت ڪرڻ جهاد کان گهٽ نه آهي، سچ ڳالهائڻ جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي، جڏهن به ميڊيا تي پابندي لڳي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو صحافين سان گڏ رهي، صدر آصف علي زرداري صحافين لاءِ منصوبا شروع ڪيا، صدر آصف علي زرداري جو بنا سبب ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، عوام ڪوڙي ۽ غلط خبر کي اڳتي نه وڌائي: سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ ڪنهن کان به بدلو ناهي ورتو، پ پ خلاف ميڊيا تي ڪوڙي واويلا ڪئي وئي، سنڌ جون اسپتالون سڀني لاءِ مفت آهن، دنيا جي ٻين ملڪن مان ماڻهو علاج لاءِ سنڌ اچن ٿا، سنڌ حڪومت 93 هزار نوڪريون ڏنيون آهن، دنيا جي سڀ کان وڏي گهر ٺاهڻ واري منصوبي تي عمل جاري آهي، عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽرانسپورٽ ۽ صحت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي



