50سال اڳ معياري تعليم هئي، بدقسمتي سان اڄ اهو معيار ناهي، ٽيچنگ لائسنس لاءِ 4 هزار استادن امتحان ڏنو، رڳو 646 استاد پاس ٿيا آهن جيڪو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، 17سال اڳ فيصلو ڪيو ته استاد ٽيسٽ کانسواءِ ڀرتي نه ٿيندا، تازو جيڪي ڀرتيون ٿيون آهن سڀ ميرٽ تي ٿيون آهن، شاگردن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار هوندو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو تقريب کي خطاب، چيائين نوجوانن جي روشن مستقبل لاءِ تعليم ۽ تربيت ٻه اهم عنصر آهن، ٻارن جي بنيادي تعليم کي بهتر بڻائڻو آهي، ايندڙ نسل کي جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم ڏيڻي پوندي، وڏي وزير مراد علي شاهه تقريب ۾ استادن ۾ ٽيچنگ سرٽيفڪيٽ ورهايا


