پاڪستان پيپلزپارٽي جِي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته چدم برم جو بيان ڀارت طرفان پاڪستان تي لڳايل الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪري ٿو

پاڪستان پيپلزپارٽي جِي مرڪزي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته چدم برم جو بيان ڀارت طرفان پاڪستان تي لڳايل الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪري ٿو، ڀارتي حڪومت پهلگام ۾ حملو ڪندڙن جِي سڃاڻپ لِڪائي رهي آهي ڇو ته اهي ڀارت جا شهري هئا، اڳوڻي ڀارتي گهرو وزير چدم برم جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته پاڪستان آزاد جاچ جِي آڇ ڪري چڪو پر ڀارتي حڪومت کي ڊپ آهي ته سچ سامهون اچي ويندو، پهلگام حملو ڀارتي رياستي ناڪامي جو نتيجو آهي، مودي حڪومت کي گهرجي ته هُو پاڪستان مٿان الزام مڙهڻ بدران پنهنجي اندروني ناڪامين جو جائزو وٺي

Related posts

Leave the first comment