راولپنڊي ۾ جرڳائين جَي حڪم تي قتل ڪيل عورت جِي قبرڪُشائي، موت جَي حوالي سان حقيقت ڄاڻڻ لاءِ عدالتي حڪم تي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو: سي پي او راولپنڊي جو چوڻ آهي ته 17 جولاءِ تي عورت سُدرا کي قتل ڪري انهي رات دفنايو ويو ۽ قبر جو نشان مٽايو ويو، پوليس قتل جو پتو لڳايو، پوليس موجب، سدرا جَي قتل جو فيصلو ڪندڙ جرڳائي وڏيري عصمت الله سميت 8 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن، عصمت الله مقتولا جو جنازو به پاڻ پڙهايو، سدرا جَي ٻئي مڙس عثمان به پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، سدرا ۽ عثمان جو نڪاح 12 جولاءِ تي مظفرآباد ۾ ٿيو، مقتولا جوڊيشل مئجسٽريٽ جَي اڳيان پيش ٿي ڪري مرضي سان نڪاح ڪرڻ جو بيان به ڏنو هو



